سکر (بيورو رپورٽ) درياءِ سنڌ ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ مسلسل واڌ سبب گڊو بئراج تي وچولي درجي جي ٻوڏ (ميڊيم فلڊ) قرار ڏني وئي آهي، جڏهن ته سکر بئراج تي هيٺين درجي جي ٻوڏ (لو فلڊ) بدستور برقرار آهي. آبپاشي کاتي درياءِ سنڌ جي صورتحال تي مسلسل نظر رکندي ڪچي ۽ هيٺاهين وارن علائقن جي رهواسين کي احتياطي اپاءَ وٺڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي. آبپاشي کاتي پاران جاري ڪيل تازي انگن اکرن موجب گڊو بئراج تي پاڻي جي مٿانهين آمد 412,682 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 373,467 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ اتي باضابطه طور وچولي درجي جي ٻوڏ قرار ڏني وئي آهي. ٻئي طرف سکر بئراج تي پاڻي جي مٿانهين آمد 290,060 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 233,230 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اختيارين موجب سکر بئراج تي هن وقت هيٺين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي ۽ صورتحال تي مسلسل نظر رکي پئي وڃي.هوڏانهن ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي آمد 51,965 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 8,260 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. آبپاشي کاتي موجب درياءِ سنڌ ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ ٿيندڙ تبديلين جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي، جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي بروقت منهن ڏئي سگهجي. آبپاشي کاتي درياءِ سنڌ جي ڪنارن، ڪچي وارن علائقن ۽ هيٺاهين هنڌن تي رهندڙ ماڻهن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته هو غير ضروري طور درياهه جي ويجهو وڃڻ کان پاسو ڪن، مقامي انتظاميه جي هدايتن تي عمل ڪن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال جي صورت ۾ فوري طور لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪن.










