گڊز ٽرانسپورٽ پاران ڀاڙن ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان

گڊز ٽرانسپورٽ پاران ڀاڙن ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ سامان جي ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي.پنهنجي بيان ۾ ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته هو وزيراعظم پاڪستان جي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي اعلان جو استقبال ڪري ٿو، ۽ اميد ڪري ٿو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي.هن چيو ته حڪومت کي ٽول ٽيڪس، ود هولڊنگ ٽيڪس، موٽر وي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس جي غير قانوني چالانن ۾ رليف فراهم ڪرڻ گهرجي، ملڪ جي نازڪ صورتحال ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن کي نظر ۾ رکندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ٽيڪسن ۾ رليف فراهم ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو