اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جون درخواستون منظور ڪندي ايف آءِ اي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي شهباز گل کي گرفتار ڪرڻ ۽ فواد چوڌري کي حراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مسجد نبوي سانحي بابت چيئرمين عمران خان ۽ 150 ٻين خلاف فيصل آباد جي هڪ ٿاڻي تي هڪ شهري جي درخواست تي توهين مذهب جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان ڪيس ۾ شهباز گل جي حفاظتي ضمانت منظور ڪرڻ ۽ فواد چوڌري کي حراسان ڪرڻ خلاف ا2 درخواستون داخل ڪيون ويون هيون جن جي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهر من الله ڪئي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ايف آءِ اي يا پوليس جي ڪنهن به ڪارروائي کي غير قانوني قرار ڏيندي ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، شهباز گل جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري کيس لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي. عدالت پڇو ته شهباز گڳ ڪٿي آهي ته وڪيل ٻڌايو ته هو 28 اپريل تي آمريڪا ويو هو ۽ 4 مئي تي واپس اچي رهيو آهي ۽ خدشو آهي ته کيس گرفتار ڪيو ويندو. وڪيل چيو ته فواد چوڌري خلاف ڪراچي، اٽڪ، جهلم سميت مختلف شهرن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، عدالت انهن ڪيسن جا تفصيل منظر تي آڻڻ جو حڪم ڏي جيئن ضمانت ڪرائي سگهجي. ياد رهي ته عدالت عيد جي موڪلن باوجود اهم ڪيسن جي ٻڌڻي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.










