درگئي(ويب ڊيسڪ)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته امپائر جي آڱر جو علاج پنهنجي آڱوٺي سان ڪنداسين، ووٽ ۽ جمهوريت سان هن جو علاج ڪنداسين، مان گيٽ نمبر 4 نه کٽڪائيندس، وزيراعظم کي جمهوري طريقي سان هٽائيندس. اهڙو اظهار هن ملاڪنڊ ۾ پيپلزپارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. خيبرپختونخواهه ۾ 31 مارچ تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ ووٽنگ ٿيندي. بلاول چيو ته هن ڪٺ پتلي کي هٽائڻ لاءِ احتجاج ڪندس ۽ عوام جي طاقت سان هن سليڪٽيڊ ڀڄائينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ٽن نسلن کان مالاڪنڊ جي عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هتي گهر گهر گئس پهچائي، هوءَ چاهي ٿي ته هتي گهر گهر بجلي پهچائي، قائد عوام روزگار ڏنو، صدر زرداري دهشتگردي ختم ڪئي، 25 لک بي گهر ماڻهن کي سهارو ڏنو، سوات تي پاڪستان جو جهنڊو جهولايو، خيبر پختونخواهه کي سڃاڻپ ڏني. هن چيو ته اسانکي ڪوئو سڏڻ وارو پاڻ ڪوئي وانگر ڀڄي رهيو آهي، هو پاڻ کي خان ٿو سڏرائي، مان چوان ٿو ته خان ته بهادر ۽ غيرت وارا هوندا آهن، هي ته مونکي بني گالا ۽ فني گالا جو خان ٿو لڳي. مان چوان ٿو ته مرد آهين ته اڄ ميدان ۾ مقابلو ڪر، پر هي ڪڏهن لاجز تي حملو ٿو ڪري ته ڪڏهن سنڌ هائوس تي حملو ٿو ڪري. اڄ مان اعلان ٿو ڪريان ته هاڻي هي سابق وزيراعظم بڻجي ويو آهي. ڪڏهن مولانا فضل الرحمان صاحب کي گهت وڌ ٿو ڳالهائي ته ڪڏهن منهنجي اردو جي مزاق ٿو اڏائي، اڳ م تون پنهنجي پٽن کي ته اردو سيکار. هن چيو ته مان پڇان ته سليڪٽيڊ تون جانور ڪنهن کي ٿو سڏين، توکي جواب ڏيڻو پوندو. هي اقتدار جي نشي م فرعون ۽ اڄ جي دور جو يزيد بڻجي ويو اهي اسين هن سان مقابلو ڪنداسين.










