ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مبينه ٽائون پوليس ڪارروائي ڪندي خطرناڪ گينگ وار دهشتگرد کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس مبينه ٽائون جي علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي انتهائي گهربل گينگ وار جي ڏوهاري علي عرف بمبار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار جوابدار منگهو پير ۽ گلبهار ۾ دستي بم حملن ۾ ملوث رهيو آهي، علي جو تعلق گوليمار گينگ وار جميل ڇانگا ۽ آغا ذڪري گروپ سان آهي، علي بمبار ان کان پهريان مراد نالي ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ سبب جيل به ويو هو، گرفتار جوابدار جو ڀاءُ اقبال به سي ٽي ڊي هٿان گرفتار ٿي چڪو آهي. جوابدار وٽان دستي بم، موٽر سائيڪل ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.










