گيس هيٽر مان ڌماڪو، 2 ٻارن سميت زال مڙس زخمي

گيس هيٽر مان ڌماڪو، 2 ٻارن سميت زال مڙس زخمي

لاکاروڊ (اظھر جلباڻي) ڳوٺ سخي سعيد خان لاکو ۾ گيس ليڪ ٿيڻ سبب گيس هيٽر مان ڌماڪي سان ڪمري کي باھ لڳي وئي. ڪمري اندر ستل 35 سالن جو امر لاکو، سندس زال، 7 سالن جو پٽ عزيفه ۽ 3 سالن جو پٽ حنين لاکو سڙي شديد زخمي ٿي پيا ،جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پهريان نوشهرو فيروز نيو ويو بعد ۾  حيدرآباد اسپتال نيو ويو آهي جتي ڊاڪٽرن کين ڪراچي لاءِ ريفر ڪيو آهي. ڊاڪٽرن مطابق زال مڙس جا جسم 50 سيڪڙو سڙي ويا آهن. واقعي سبب سڄو ڪمرو سامان سميت سڙي ويو آهي. ڌماڪي سان  واقعو پيش اچڻ تي پوري ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو