اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گيس اچي يا نه اچي، بل اڳي کان وڌيڪ هوندا، سوئي ناردرن گيس بلن ۾ اضافي رقم لڳائي ڇڏي آهي، صارفين کي هن مهيني 8 کان 115 سيڪڙو بقايا ادا ڪرڻا پوندا.ذريعن موجب جنهن صارف جو بل 500 هو ان کي 800 رپيا اضافي رقم ادا ڪرڻي پوندي، جڏهن ته جنهن صارف جو اڳوڻو بل 1400 هو ان کي 3100 رپيا بل ادا ڪرڻو پوندو، اها اضافي رقم چئن مهينن لاءِ جمع ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته گئس جي مهانگي خريداري سبب اضافي رقم وصول ڪئي ويندي، نئين ٽيرف ۾ محفوظ گهريلو صارفين جي ڪيٽيگري متعارف ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب نومبر کان فيبروري تائين 0.9 ايم ايم بي ٽي يو تائين گئس استعمال ڪندڙ صارفين کي رعايتي قيمتن تي گئس فراهم ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته گئس جي بلن ۾ واڌ رڳو انهن لاءِ آهي جيڪي برداشت ڪري سگهن ٿا.سوئي نارينڊ موجب، نومبر کان فيبروري تائين 0.9 ايم ايم بي ٽي يو کان وڌيڪ گئس استعمال ڪندڙ صارفين کان اضافي چارج ڪئي ويندي.ٻئي طرف سوئي سدرن جي ترجمان جو به چوڻ آهي ته گئس جي اگهن ۾ واڌ سبب اضافي بل وصول ڪيا پيا وڃن، جنوري ۽ فيبروري جي واجب الادا رقم هلندڙ ۽ ايندڙ مهيني ۾ وصول ڪئي ويندي.










