گيسٽرو جي بيماري زور وٺي وئي،انتظاميه غائب،مريض اسپتال ڀيڙا

گيسٽرو جي بيماري زور وٺي وئي،انتظاميه غائب،مريض اسپتال ڀيڙا

ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) ٽنڊوباگو ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ گيسٽرو جي بيماري زور وٺي وئي. خبر موجب ٽنڊوباگو شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ گندو ۽ برساتي پاڻي بيھ وڃڻ ڪري گيسٽرو جي مرض ۾ اضافو ٿي ويو آهي، تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو ۾ بچل شاھ، غلام رسول، الھڏنو، مکڻ، آسڻ، عمران، ميوو، امير حسن، غلام محمد سميت 50 گيسٽرو جي مريضن کي داخل ڪيو ويو آهي، جڏھن ته 40 گيسٽرو جا مريض شھر جي نجي اسپتالن ۾ داخل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته تعلقي ٽنڊي باگي ۾ مليريا جو اسپري نه ڪرڻ ڪري سوين ماڻهو مليريا جي بخار ۾ وٺجي ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو