اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، گوهر اعجاز کي گهرو وزير مقرر ڪري ڇڏيو. جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.گوهر اعجاز وٽ گهرو وزارت سميت سيڙپڪاري ۽ تجارت جي وزارت جو قلمدان به آهي. ياد رهي ته سرفراز بگٽي جي استعيفيٰ کانپوءِ گهرو وزير جو قلمدان خالي هو.










