گولڊن گلوب ايوارڊ: بهترين فلم ايوارڊ ‘دي فيبل مين’ جي نالي

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ)آسٽن بٽلر لاس اينجلس ۾ 80 هين گولڊن گلوب ايوارڊز ۾ ڊرامي ۾ بهترين اداڪار جو ايوارڊ حاصل ڪيو.آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ 80هين گولڊن گلوب ايوارڊز جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ 2022ع دوران آمريڪي فلم ۽ ٽيليويزن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ فنڪارن کي ايوارڊ ڏنا ويا.نيوز ايجنسي موجب ”دي فيبل مين“ کي بهترين فلم جڏهن ته هائوس آف دي ڊريگن کي ٽي وي ڪيٽيگري ۾ بهترين ڊرامي سيريز جو ايوارڊ ڏنو ويو. ايوارڊز جي تقريب ۾ آسٽن بٽلر ڊرامي ۾ بهترين اداڪار جو گولڊن گلوب ايوارڊ حاصل ڪيو جڏهن ته ڪيٽ بلانچٽ ڊرامي ۾ بهترين اداڪارا جو ايوارڊ حاصل ڪيو.اسٽيون اسپيلبرگ دي فيبل مين لاءِ بهترين ڊائريڪٽر جو گولڊن گلوب ايوارڊ ماڻيو.

پهنجو تبصرو موڪليو