گورنمنٽ  بوائز ھاء اسڪول مڪلي ۾ يوم ڪشمير ملھايو ويو

گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول مڪلي ۾ يوم ڪشمير ملھايو ويو

ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ) گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول مڪلي ۾ يوم ڪشمير ملھايو ويو. جنھن جي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڊي او ايجوڪيشن ٺٽو نظام الدين کڏائي، اسڪول جي ھيڊماستر گل محمد سولنگي، گسٽا اڳواڻ حافظ غلام رسول مالھيو، عبدالحميد مھراڻوي، محمد صفدر ٺٽوي، علي محمد سومرو، سلمان جاکرو، امير عثمان ميمڻ ۽ ٻين چيو تہ ڪشميرين کي ظلم ۽ بربريت جو نشانو بڻائي انھن جو جيئڻ جنجال بنايو ويو آھي. ھن وقت ڪشمير ۾ انسانيت محفوظ ناھي رھي جنھن جي سخت لفظن مذمت ڪريون ٿا ۽ اقوام متحدہ توڙي انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪريون ٿا تہ ڪشميرين کي آزادي جو حق ڏيئي ڀارت کي ھن ظلم و ستم کا روڪيو وڃي ڇاڪاڻ جو گزريل ٻن سالن کان جاري سخت ڪرفيو اڃان تائي ختم ٿي ناھي سگھيو، جنھن کي پڻ جلد ختم ڪيو وڃي. ان موقعي تي شاگردن پڻ تقريرن ۽ بيتن ذريعي ڪشميرن سان يڪجھتي جو اظھار ڪيو، جنھن ۾ شاگردن جي والدين ۽ شھرين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو