گورنر ۽ فواد چوڌري پاران عمر شريف جي عيادت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل وفاقي وزير فواد چوڌري سان گڏجي اسپتال ۾ ڪاميڊي ڪنگ عمر شريف جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي گورنر چيو ته عمر شريف جو ڊائلائسز ٿيو آهي، وزيراعظم عمران خان صحت جي وفاقي وزير کي سندس علاج لاءِ هدايت جاري ڪئي آهي، ڊاڪٽر ياور جي سربراهي ۾ بورڊ جوڙيو آهي. جڏهن ته فواد چوڌري چيو ته عمر شريف اسان جو قومي اثاثو آهي،  ٻاهر موڪلڻ کان اڳ ميڊيڪل بورڊ پاران فيصلو ڪيو ويندو، گورنر ۽ اسان ڊاڪٽر ناهيون، ڪوشش ڪنداسين ته جلد سندس سفري سهولتن ۽ پرڏيهه ۾ ڊاڪٽر سان اپائنٽمينٽ طئي ڪرايون.

پهنجو تبصرو موڪليو