ڪراچي (رپورٽر) گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري سان پاڪستان جي اڳوڻو ليجنڊ آف اسپنر توصيف احمد گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. نواب عالم پڻ ان سان گڏ موجود هئا. ملاقات ۾ نوجوان ڪرڪيٽرن جي تربيت، با صلاحيت ڪرڪيٽرن جي تلاش لاءِ ٽيلنٽ هنٽ ڪيمپ جي منعقد ۽ ڪرڪيٽ جي هٿي جي ٻين قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي گورنر سنڌ چيو ته 1986 جي آسٽرليشيا ڪپ جي فتح ۾ توصيف احمد جو پڻ نمايان ڪردار آهي، ڀارت کي 1987 ۾ ڀارت ۾ هارائڻ ۾ پڻ توصيف احمد جي آف اسپن بولنگ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي اسپنرز ۾ توصيف احمد کي هميشه نمايان مقام حاصل رهندو. ملاقات ۾ اڳوڻو ليجنڊ توصيف احمد چيو ته نوجوان بولرن جي تربيت ڪرڻ تي خوشي ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ ڪرڪيٽ جي هٿي لاءِ گورنر سنڌ جي دلچسپي خوش آئند آهي.










