اسلام آباد ( بيورو) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت ۽ هينڊلرز وائڙپ جو شڪار آهن، اهي ماڻهو مايوس ٿي مائنس ون فارمولي ڏانهن وڌي رهيا آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو ته سڀاڻي گوجرانوالا جلسو حقيقي آزادي جي تحريڪ جي پهرين فيز جو آخري جلسو هوندو ۽ ان جلسي ۾ ايندڙ اهم مرحلي جو اعلان ڪندس. هن لکيو ته امپورٽڊ حڪومت ۽ هينڊلرز وائڙپ جو شڪار آهن، قوم پي ٽي آءِ پٺيان مضبوطي سان بيٺي آهي ۽ اهي ماڻهو مايوس ٿي مائنس ون فارمولي ڏانهن وڌي رهيا آهن.










