گهوٽڪي (ن س )گهوٽڪي ۾ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل واڌ سبب ڪچي جا وڌيڪ علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. گهوٽڪي ۾ سنڌو درياهه ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 10,600 ڪيوسڪ جو اضافو ٿيو. ٻوڏ متاثر علائقن مان ماڻهن کي ٻيڙين ذريعي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. بهرحال ڪوٽڙي بئراج تي هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ جو پاڻي گهٽجي ويو آهي. بئراج انتظاميا موجب، سنڌو درياهه جي اپ اسٽريم ۾ پاڻي 236,113 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته هيٺاهين طرف 231,763 ڪيوسڪ پاڻي رڪارڊ ڪيو ويو.انتظاميا موجب، ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ 4 ڪينالن مان پاڻي ڇڏيو پيو وڃي. ڪراچي ڏانهن ويندڙ ڪي بي فيڊر ڪينال ۾ پاڻي وڌايو ويو آهي. ڪي بي فيڊر ۾ 2,100 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي.










