گهوٽڪي(ن سنڌيار)گهوٽڪي جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج طارق ڀٽي جن عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار منير ڀٽي کي 25 سال قيد ۽ 5 لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.عدالت جي اهڙي حڪم بعد جوابدار منير ڀٽي کي سکر سينٽرل جيل موڪليو ويو.واضح رهي ته سال 2018 ۾ جوابدار منير ڀٽي اي سيڪشن ٿاڻي گهوٽڪي ڀرسان ڀٽي محلي ۾ پنهنجي پيرسن پڦي فاطمه ڀٽي کي قتل ڪرڻ بعد هن کي پهريل سونا زيور ڇنيا هئا، اهڙو ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن جي اڄ جوابدار کي سزا ٻڌائي وئي.










