گھوٽڪي (ن س) ڏهرڪي سميت سموري ضلع گھوٽڪي ۾ ڪامورا شاھي سرڪاري خزاني کي ڳڙڪائي وئي، شھرن جون ميونسپل ڪاميٽيون ۽ ٽاؤن ڪاميٽيون صفائي سٿرائي نه ڪرائي سگھيون، چونڊيل نمائندا به پنھنجا ماڻھو مقرر ڪرائي خاموش تماشائي بڻيل، شھرين پاران عدالت سڳوري جا دروازا کڙڪائڻ جو فيصلو تفصيل موجب ضلع گھوٽڪي ۾ ايڊمنسٽريشن ۽ سيڪريٽريز ڀينگ ڪري ڇڏي. شھرن جي صفائي سٿرائي ۽ سامان لاء ايندڙ فنڊ ھڙپ ٿي ويو. ميونسپل ڪاميٽي ميرپور ماٿيلو، سميت ٽاؤن ڪاميٽي ڏھرڪي، گھوٽڪي اوٻاوڙو توڙي يوسي جا سيڪريٽري سرڪاري خزاني تي ھٿ صاف ڪرڻ لڳا، منتخب نمائندن جا رکرايل ڪامورا سرڪاري خزاني کي پنھنجي ملڪيت سمجھڻ لڳا، شھرن جي رونق ختم ٿيڻ لڳي، پاڻي نيڪال جو سسٽم به سندن نااھلي جي ڪري ختم ٿيڻ لڳو. پاڻي کوھن ۾ وڃڻ بجاء گھٽين۾ وھڻ لڳو. ضلع گھوٽڪي ۾ ڪنھن بہ آفيسر ايڪشن ناھي ورتو. ملازمن کي پگھارون به پوريون نہ ڏنيون ويون. ملازمن جا انڪريمنٽ به رڙڪائي ويا.چونڊيل نمائندا به پنھنجا ماڻھو مقرر ڪرائي خاموش تماشائي بڻيل، شھرين پاران عدالت سڳوري جا دروازا کڙڪائڻ جو فيصلو ڪيو آهي










