گهوٽڪي آپريشن، ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن کي باهيون

گهوٽڪي آپريشن، ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن کي باهيون

اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند) رونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ گهوٽڪي پوليس جو گڏيل آپريشن 16هين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي، جيڪو سنڌ، پنجاب ۽ ڪشمور جي دنگن تائين پکڙيل آهي. پوليس موجب آپريشن دوران ڪيترن ئي ڏوهارين جا ٺڪاڻا ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن ۽ ڪجهه کي باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي. جڏهن ته علائقي کي 50 سيڪڙو تائين ڪليئر قرار ڏنو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن کي 16 هون ڏينهن آهي. علائقي جا مک انعام يافته ۽ خطرناڪ ڌاڙيل فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. فرار ٿيل ڏوهارين ۾ علائقي ۾ خوف جي علامت بڻيل ڌاڙيل راحب شر، ثناءُالله شر، تنوير انڍڙ ۽ ظهور شر شامل آهن، جيڪي آپريشن کان اڳ ئي علائقي مان نڪري ويا.
گهوٽڪي پوليس پاران انعام يافته ڏوهارين کي پاڻمرادو پيش ٿيڻ لاءِ الٽيميٽم به جاري ڪيو ويو آهي، پر ڪو به ناليوارو ڏوهاري اڃان تائين قانون آڏو پيش نه ٿيو آهي. ان حوالي سان آءِ جي سنڌ پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پريا ڪماري رونتي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيل راحب شر وٽ موجود هئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته باقي بچيل علائقن ۾ سرچ ۽ ڪامبنگ آپريشن جاري آهي ۽ جلد ڏوهارين خلاف اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون وينديون. بهرحال، ماضي ۾ به ماڇڪو ۽ رونتي ڪچي وارن علائقن ۾ ڪيل آپريشن بغير ڪنهن وڏي ڪاميابي جي ختم ٿي چڪا آهن، جنهن سبب عوام ۾ خدشا پيدا ٿي رهيا آهن ته شايد هن ڀيري به نتيجو ماضي کان شايد مختلف نه ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو