گهوٽا ۽ ڀيري برادري جي پراڻي تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل

گهوٽڪي(ن سنڌيار)گھوٽڪي ويجھو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد باقرو واهه وٽ پراڻي تڪرار تان ڀيري برادري جي ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڳوٺ انور گھوٽو جي رھواسي 50 ورھين جو آدم گھوٽو کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي کانپوءِ ھٿياربند فرار ٿي ويا، اطلاع تي بي سيڪشن پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش تعلقا اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيوآخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگھيو ۽ نه وري جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي آھي.هوڏانهن گھوٽا ۽ ڀيري برادري ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان ھن وقت تائين پنج انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن، ڀيري برادري جا 3 ماڻهو قتل ٿيا آهن ۽ گھوٽا برادري جا 2 ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو