گهر ۾ ڌاڙو پوليس هيلپ لائن وارا ننڍ پئجي ويا

دادو(ن سنڌيار) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٽي بي اسپتال ڪالوني ۾ گذريل رات دير سان هٿياربندن صاحب خشڪ جي گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي گهر ۾ پيل 10 تولا سون ۽ 80 هزار نقد رقم ڦر ڪئي، متاثر صاحب خشڪ صحافين آڏو دانهيو ته گذريل رات دير سان نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿيا ۽ هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي لٽ مار ڪئي، هنن چيو ته مددگار ون فائي پوليس کي ڪالون ڪيون پر ڪال اٽينڊ نه ٿي جنهن بعد صبح جو بي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي اطلاع ڪيو، متاثر صاحب خشڪ ٻڌايو ته پوليس سان گڏ کوجي ڪتن ذريعن پيرا کنيا ويا آهن، هن مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل رقم ۽ سونا زيور واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، هوڏانهن ايس ايڇ او بي سيڪشن مشتاق عالماڻي جو چوڻ آهي ته 3 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو