نوشهروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ)گهر تي پوليس چڙهائي خلاف شهري جي ايس ايس پي خلاف عدالت ۾ درخواست داخل، عدالت ايس ايس پي کي طلب ڪري ورتو. منظور احمد خاصخيلي نالي شهري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ميڊيا کي ٻڌايو ته 3 نومبر تي رات جو نوشهروفيروز جي پوليس اهلڪارن 4 موبائلن ۾ سوارٿي منهنجي گهر تي بنا ڪنهن وارنٽ ۽ ڪيس داخل هجڻ جي چڙهائي ڪري چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهر ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سميت گهر ۾ پيل روڪ رقم 3 لک 73 هزار 4 موبائل فون 4 اي ٽي ايم ڪارڊ منهنجو سڃاڻپ ڪارڊ سميت لائسن وارو پسٽل، پلاٽ جا ڪاغذ، ڪارڪاغذن سميت ڪاهي ويا جن کان مون بنا ڪنهن وارنٽ جي چڙهائي ڪري گهر۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جو سبب پڇيو ته ايس ايڇ او عبدالرسول ٻگهيو مون مٿان سخت تشدد ڪندي چيو ته کيس ايس ايس پي الطاف لغاري جو حق مليل آهي جنهن کان پوءِ پوليس منهنجون اکيون ٻڌي مونکي پاڻ سان کڻي وئي ۽ منهنجي مٿان 13 ڊي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري مونکي جيل موڪلي ڇڏيو جتان ضمانت تي مان آزاد ٿي ٻاهر آيو آهيان ۽ مون ايس ايس پي نوشهروفيروز الطاف لغاري سميت ايس ايڇ او نوشهروفيروز عبدالرسول ٻگهيو سميت ٻين پوليس اهلڪار مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي جن کي 19 ڊسمبر تي عدالت طلب ڪيو آهي ۽ مونکي اميد آهي ته عدالت سڳوري مون سان انصاف ڪندي ۽ پوليس خلاف پنهنجو احتجاج جاري رکنداسين.










