گهرڀاتين سوڌو کنڀيل گل حسن چانڊيو آزاد ٿي ويو

قمبر(ن سنڌيار) 3 ڏينهن اڳ پنهنجي زال، ننهن ۽ ٻن معصوم نياڻين سميت کنڀي گم ڪيل گل حسن چانڊيو به آزاد ٿي پنهنجي گهر پهچي ويو آهي. وارثن ۽ شهرين پاران گلن جا هار پهرائي سندس آجيان ڪئي وئي. گل حسن چانڊيو آزادي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي ڪٽنب سوڌو کنڀي حراست ۾ وٺڻ واري پوليس ئي هئي پر خبر نه آهي ته ڪهڙي ٿاڻي جا پوليس اهلڪار هئا. هن چيو ته منهنجي اکين تي پٽيون ٻڌي اڻڄاتل هنڌ رکيو ويو هو. مختلف سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته اهلڪار مون سان سنڌي ۾ ڳالهائي رهيا هئا ۽ مون تي ڪو به تشدد نه ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو