اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) گهريلو ملازما تي بدترين تشدد ڪندڙ اسلام آباد جي سول جج جي زال گرفتاري کان بچڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ مان پهرين آگسٽ تائين حفاظتي ضمانت ڪرائي ورتي آهي. پوليس راولپنڊي، گجرانوالا ۽ لاهور ۾ ڇاپا هنيا پر گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي. اسلام آباد پوليس لاهور ۾ تشدد جو نشانو بڻايل ملازما جي والدين جا بيان قلمبند ڪيا آهن. ڇوڪري لاهور جي اسپتال ۾ آءِ سي يو ۾ داخل آهي، جتي سندس حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. نلڪي ذريعي کاڌو ڏنو پئي ويو جيڪا هاڻي هٽائي وئي آهي.

اسلام آباد پوليس جي ترجمان ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي، سول جج جي زال کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. همڪ ٿاڻي تي متاثرو ڇوڪري جي والد منگا خان جي درخواست تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. منگا خان جو چوڻ آهي ته هو سرگوڌا جو رهائشي آهي ۽ اسلام آباد م سول جج جي گهر ۾ هن پنهنجي 14 سالن جي نياڻي کي ڪم ڪار لاءِ حوالي ڪيو هو ۽ 10 هزار ماهوار پگهار طئي ٿي هئي. هن ٻڌايو ته 23 جولاءِ تي هو پنهنجي گهرواري ۽ هڪ مائٽ سان گڏ جج جي گهر ڌيءَ سان ملڻ ويو ته ڪمري مان سندس نياڻي جي روئڻ جو آواز پئي آيو ۽ هوءَ زخمي حالت ۾ ملي. سندس مٿي جي پوئين پاسي زخم هو جنهن ۾ ڪيڙا پئجي ويا هئا. سندس ٻانهن ۽ ٽنگن تي زخم هئا ۽ هڪ ڏند به ڀڳل هو. سندس اکيون، چپ ۽ سڄو منهن سڄيل هو. هن چيو ته سندس نياڻي کين ٻڌايو ته جج جي زال لٺين ۽ بيٽ سان ماريندي هئي ۽ ڪمري ۾ اڪيلو بک تي بند ڪري ڇڏيندي هئي. والدين ڇوڪري کي سرگوڌا وٺي آيا ۽ اسپتال داخل ڪرايو ته ڊاڪٽرن سنگين زخم ڏسي پوليس کي فون ڪئي. جنهن بعد سرگوڌا پوليس ميديڪو ليگل رپورٽ سميٽ ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد اسلام آباد پوليس کي ڪاروائي لاءِ چيو ته وفاقي گادي واري شهر جي پوليس ڪاروائي کان لنوائڻ لڳي.
ترجمان اسلام آباد کیپیٹل پولیس
گھریلو ملازمہ پر تشدد کا معاملہ۔
بچی کے والد کی درخواست موصول ہونے پر مقدمہ درج کرلیا گیا ہے۔
ملزمہ کی گرفتاری کے لئے تحرک کیا جارہا ہے۔
مقدمہ کی تفتیش میرٹ پر کی جائے گی
تمام ترقانونی تقاضے پورے کئے جائیں گے۔
قانون سب کے لئے برابر ہے— Islamabad Police (@ICT_Police) July 24, 2023
جڏهن معاملو ميڊيا ۾ هاءِ لائٽ ٿيو ته پوءِ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. ڇوڪري جي والده جو چوڻ آهي ته 6 مهينن کان هوءَ ڪم ڪري پئي پگهار گهرڻ تي جج جي زال بري طرح تشدد ڪندي هئي گرم استري سان ڏنڀ به ڏيندي هئس. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته 18 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪري کي ملازم رکڻ ڏوهه آهي ۽ جج خلاف به ڪيس داخل ڪرڻ تي سوچون پيا ته هن ڪوڙ ڳالهايو ۽ غلط بياني ڪئي. ياد رهي ته سول جج عاصم حفيظ اڳ ۾ بيان ڏنو هو ته سندس گهرواري ڇوڪريءَ جي ماءُ حوالي ڪئي جنهن پنهنجي ڌيءَ تي تشدد ڪيو آهي. بعد ۾ جج ڇوڪري جي والد سان رابطو ڪري کيس رهيل پگهارن جي رقم، علاج جو خرچ ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر ڇوڪري جي والد سندس آڇ رد ڪندي ڪيس داخل ڪرن جو فيصلو ڪيو. ڇوڪري جا زخم گهرا هئڻ ڪري کيس لاهور ريفر ڪيو ويو آهي ۽ ان جو سمورو انتظام سرگوڌا پوليس ڪيو.










