گهارو رپورٽ (ن س) گهارو ويجهو پوليس جو ڦورن سان مقابلو ڪرڻ جي دعوا مقابلي ۾ ٻه ڦورو رستم ڪاتيار ۽ الهورايو ڪاتيار زخمي حالت ۾ گرفتار ڦر ٿيل موٽر سائيڪل برآمد. گهارو گولائي تان ٻه ڦورو محمد حسن چانڊيو ۽ علي دوست چانڊيو کان گهارو گولائي ويجهو موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته اطلاع ملڻ تي گهارو ايس ايڇ او ممتاز علي بروهي پوليس نفري سان پهچي وئي جن ڦورن جو پيڇو ڪيو گهيرو تنگ ٿيڻ ڪري ڦوروئن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جوابي فائرنگ ۾ ٻئي ڦورو زخمي ٿي پيا ۽ پوليس گرفتار ڪري ورتا جن کي رورل هيلٿ سينٽر گهارو آندو ويو ان موقعي تي ايس ايس پي عديل احمد چانڊيو پهتو ۽ ڊي ايس پي نواز سرائي موجود هئا.. ڦوروئن جي سڃاڻپ رستم ڪاتيار ۽ الهورايو ڪاتيار جي نالي سان ٿي آهي.ايس ايس پي جو چوڻ هو ته هنن ڦورن خلاف اڳ به ڪيس داخل ٿيل آهن هن علائقي ۾ ڪافي موٽر سائيڪلون ڦر ٿي چڪيون آهن اسان شاباش ٿا ڏيون گهارو پوليس جي ايس ايڇ او ممتاز بروهي ۽ ڊي ايس پي ميرپور ساڪرو نواز سرائي ۽ سڄي پوليس ٽيم کي جن بروقت ڪارروائي ڪئي ۽ فورو گرفتار ڪيا.. آخري اطلاعن تائين ڦورن کي ٽنگن ۾ گوليون لڳل سبب زخمي هئڻ ڪري ڪراچي ريفر ڪيو پئي ويو.










