گنڊاپور ۽ شڪيل وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ،هڪٻئي تي الزام

گنڊاپور ۽ شڪيل وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ،هڪٻئي تي الزام

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شڪيل خان وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ گذريل رات هڪ وڳي کان پوءِ تحريڪ انصاف جي پارليامينٽريز جي واٽس ايپ گروپ ۾ ٿي، علي امين گنڊاپور ۽ شڪيل خان وچ هڪ ڪلاڪ تائين سخت جملن جي ڏي وٺ جاري رهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته علي امين گنڊاپور ۽ شڪيل خان هڪ ٻئي تي ڪرپشن جي الزام لڳايا، شڪيل خان ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي بااختيار نه هجڻ جو طعنو به ڏنو. ذريعن ٻڌايو آهي ته سخت جملن جي ڏي وٺ دوران شڪيل خان واٽس ايپ گروپ ۾ ئي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي استعيفيٰ ڏنو، جنهن تي علي امين گنڊاپور جواب ڏنو ته مان اڳ ئي اوهان کي فارغ ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ کان پوءِ ٻين وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي مداخلت کان پوءِ ٻنهي اڳواڻن واٽس ايپ گروپ مان ميسيجز ڊيليٽ ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو