گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا غير ضمانتي وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف 5 آڪٽوبر تي لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج ۽ پوليس تي تشدد جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر چيو ته پوليس انهن کي ڪيترائي ڀيرا پڇا ڳاڇا لاءِ طلب ڪيو هو، پر علي امين گنڊاپور ۽ ٻين ملوث ماڻهن کان پڇا ڳاڇا نه ٿي رهي آهي. جوابدار 5 آڪٽوبر جي احتجاج ۽ پوليس خلاف تشدد جي ڪيسن ۾ گهربل آهن.بعد ۾، عدالت علي امين، حماد اظهر، سعيد سنڌو ۽ شهباز احمد جا غير ضمانتي وارنٽ جاري ڪيا ڇاڪاڻ ته جامع جاچ نه ٿي سگهي، جڏهن ته عدالت سڀني فردن کي پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو