سکر(بيورو رپورٽ)بس ٽرمينل ڀرسان گندي پاڻي جي تلاءَ مان اڻڄاتل شخص جو ٻوري بند گولي لڳل لاش هٿ آيو، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.










