گندو پاڻي نه نڪتو،شهرين جو احتجاج

گندو پاڻي نه نڪتو،شهرين جو احتجاج

نوشهرو فيروز(ن سنڌيار)نوشهرو فيروز شهر ۽ آس پاس مان برساتي ۽ ڊرينيج جو گندو پاڻي انتظاميه دعوائون ڪرڻ باوجود نه ڪڍرائي سگهي جنهن خلاف شهرين ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ محمد يونس راڄپر، ايم ظفر تڳر، خادم سيال، سهيل منگي، اقبال راڄپر ۽ هنن چيو ته شهر جا روڊ رستا اسڪول مئن سول اسپتال سميت هر طرف پاڻي جا تلاءَ بيٺا آھن ۽ ڪرپٽ آفيسر توڙي چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آھن. انتظامي عملدارن ڪجهه ڏينهن اڳ اللّٰه واري چوڪ، مٺياڻي روڊ، الریاض ڪالوني، اسٽیشن روڊ، پڊعیدن روڊ سميت مختلف هنڌن جو دورو ڪري گندو پاڻي جلد ڪڍرائڻ ۽ عوام جون تڪليفون ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي ۽ ڊي سي نوشهرو فيروز سان گڏ وڏي وزير جي ايڊوائيزر مولابخش مبيجو پڻ ڦوٽو سيشن ڪرايا پر شهرين جو ڏچو ختم ٿي نه سگهيو آهي ماهوار ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا پيا وڃن ۽ ويزا سسٽم تي وائيٽ ڪالر سوئيپر ۽ ڪلرڪ گهر ويٺي پگهارون کڻن پيا انهن کان به منٿليون اوڳاڙيون وڃن ٿيون پر غريبن ۽ شهرين جون تڪليفون دور نه پيون ڪيون وڃن. هنن چيو ته شهري پنهنجي مدد پاڻ تحت تيل ۽ جهٽا وٺي پاڻي ڪڍرائين پيا پر انتظاميا ننڊ ستل آھي جن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو