ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهرين جي واپسي لاءِ درخواستون اڪلائي ڇڏيون آهن.ڪراچي جي سعود آباد علائقي مان گم ٿيل محمد نويد ۽ عوامي ڪالوني مان گم ٿيل احمد شميم گهر واپس اچي ويا آهن. جاچ آفيسر ٻنهي شهرين جي واپسي بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي آهي.هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي ته عدالت زبردستي گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن ڏانهن موڪلي ڇڏيا.ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد علائقي مان 23 سالن جي ڇوڪري جي بازيابي بابت درخواست رد ڪئي وئي.عدالت چيو ته ڇوڪري جي گم ٿيڻ جو ڪيس گم ٿيل ماڻهن جي فهرست ۾ نٿو اچي. اهي ڪيس گم ٿيل ماڻهن جي زمري ۾ اچن ٿا جن کي مبينا طور تي گم ڪيو ويو آهي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڇوڪري جي گم ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جاچ آفيسر ڪارروائي نه ڪري رهيو آهي، اڳ ۾ باقاعده بينچ ڪيس آئيني بينچ ڏانهن موڪليو هو، آئيني بينچ ڪيس باقاعده بينچ ڏانهن واپس موڪلي ڇڏيو.عدالت هدايت ڪئي ته جيڪڏهن توهان کي جاچ تي ڪو اعتراض آهي ته لاڳاپيل مئجسٽريٽ سان رابطو ڪريو.










