ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي پڇا ڳاڇا لاءِ پوليس اسٽيشن ۾ نه طلب ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت گم ٿيلن جي وارثن کي پوليس اسٽيشن طلب ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. عدالت چيو ته جاچ آفيسر گهرڀاتين وٽ وڃي گم ٿيل ماڻهن جي جاچ ڪري، مستقبل ۾ ڪنهن به خاندان کي پوليس اسٽيشن نه سڏيو وڃي. جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته جنهن کي جاچ يا پيش رفت بابت آگاهي ڏيڻي آهي، هو پاڻ گهرن ڏانهن وڃي.عدالت گهرو کاتي کي گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي پوليس اسٽيشن نه طلب ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.










