گمبٽ: (ن س) پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر نعيم احمد کرل ڊگهي علالت کان پوءِ اڄ ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ جگر ۽ ڪينسر جي بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.سندس لاڏاڻي جي خبر ملندي ئي خيرپور، گمبٽ ۽ سياسي حلقن ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي.پ پ اڳواڻ نعيم احمد کرل پي ايس 30 ۽ پي ايس 31 تان پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي پنج ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو هو. نعيم کرل 19 جنوري 1957ع تي ضلعي خيرپور جي تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ کرل آباد ۾ جنم ورتو. هن ڪراچي يونيورسٽي مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ عملي سياست جي شروعات فنڪشنل مسلم ليگ کان شروعات ڪئي. جنھن بعد ھن پيپلزپارٽي جوائن ڪئي.مرحوم پنهنجي تڪ ۾ ترقياتي منصوبن، عوامي مسئلن جي حل ۽ سماجي خدمتن سبب خاص سڃاڻپ رکندو هو. سندس لاڏاڻي تي سياسي، سماجي ۽ عوامي حلقن پاران گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.










