گمبٽ ۾ ڪار ۽ خاڻوٽ لڳ ڪوچ ڪلٽي 1 فوت 27 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) گمبٽ لڳ قومي شاهراهه تي ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب هڪ فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته هڪ ٻئي حادثي ۾ انڊس هاءِ وي تي خاڻوٽ وٽ سيوهن کان حيدرآباد ويندڙ ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهي. جن کي لمس ڄامشورو منتقل ڪيو ويو آهي.

Screen shot

خيرپور مان سجاد موجب گمبٽ ڀرسان نيشنل هاء وي تي موٽر سائيڪل کي بچائيندي ڪار ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار ٽي ڄڻا ايڊوڪيٽ صدام حسين لغاري, ڊرائيور عطاء الله اسلامي ۽ ٻيا سخت زخمي ٿي ويا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊرائيور عطاء الله اسلامي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏنهن ته وڪيل صدام حسين کي ڪراچي اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي رابطي ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته حادثي واري هنڌ پهچي  ڪار کي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. مانجهند مان يوسف عمراڻي موجب ڪوچ ڪلٽي ٿين بعد آس پاس جا ماڻهو مدد لاءِ پهتا جن زخمين کي لياقت ميڊيڪل ڪالج اسپتال ڄامشورو پهچايو.

پهنجو تبصرو موڪليو