گمبٽ: (ن س) گمبٽ قومي شاهراه تي پپري پل وٽ ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ معصوم ٻارڙي سميت ٻه ڄڻا فوت جڏهن ته پنج مسافر زخمي ٿي پيا آهن. پپري پل وٽ پل ۾ کڏا هجڻ ڪري مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا رحيم يار خان واسي اسلم ۽ معصوم ٻارڙي نعيما موقعي تي فوت ٿي ويا حادثي ۾ ڊائيور سميت پنج مسافر زخمي ٿي پيا فوتين ۽ زخمين کي ريسڪيو 1122 ذريعي گمس منتقل ڪيو ويو، گمس اسپتال انتظاميه موجب حادثي ۾ فوت ٿيلن جا مڙه ضروري ڪاروائي بعد وارث کڻائي ويا زخمين جو علاج هلندڙ آهي.










