گل پلازا ڪيس: نامزد جوابدارن پاران پوليس جاچ عدالت ۾ چئلينج

گل پلازا ڪيس: نامزد جوابدارن پاران پوليس جاچ عدالت ۾ چئلينج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سانحو گل پلازا ڪيس ۾ نامزد جوابدارن پوليس تفتيش کي سيشن عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. درخواست ۾ مؤقف اختيار ڪيو ويو ته ڪيس جي تفتيشي آفيسر پرويز ڀٽو جي طرزِ عمل جو عدالتي نوٽيس ورتو وڃي ڇاڪاڻ ته هو اصل ذميوارن کي بچائي بيگناهه ماڻهن کي ڪيس ۾ ڦسائي رهيو آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ (سائوٿ)، چيف فائر آفيسر، ريسڪيو 1122 ۽ ٻين لاڳاپيل سول ادارن جي ذميوارن خلاف غفلت ۽ لاپرواهي تي ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته واقعي جي غير جانبداراڻي ۽ شفاف جاچ ڊي آئي جي عرفان بلوچ يا عامر فاروقي جي اڳواڻي ۾ حساس ادارن ذريعي ڪرائي وڃي. ٻئي طرف، گل پلازا ايسوسيئيشن جي صدر تنوير پاستا، نائب صدر عمار اسماعيل، جوائنٽ سيڪريٽري محمد رمضان، محمد امين، نعمت الله ۽ 11 سالن جي حذيفه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جوابدارن جي وڪيل مؤقف اختيار ڪيو ته 72 ڄڻا حياتيون ٻاري ويٺا پر پوليس اڌ صفحي جو چالان جمع ڪرائي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته پوليس ڪنهن به سول اداري تي ذميواري عائد ناهي ڪئي، جڏهن ته متاثرن کي ئي جوابدار بڻايو پيو وڃي ۽ انتظاميا کي بچايو پيو وڃي. عدالت چيو ته پوليس جو چالان ٻه ڀيرا رد ٿي چڪو آهي ۽ اهي ئي اعتراض برقرار رکندي ٻيهر چالان پيش ڪيو ويو آهي. عدالت تنوير پاستا سميت پنجن جوابدارن جي پنج پنج لک رپين جي مچليڪن عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، جڏهن ته گهٽ عمر حذيفه جي ڏهه هزار رپين جي مچلڪي عيوض عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو