گل پلازا سانحو: چالان جمع، مارڪيٽ يونين جا عهديدار جوابدار نامزد

گل پلازا سانحو: چالان جمع، مارڪيٽ يونين جا عهديدار جوابدار نامزد

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) گل پلازا سانحي واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي پوليس ڪيس جو چالان پراسيڪيوشن وٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي تحقيقاتي رپورٽ موجب باهه لڳڻ واري واقعي کي حادثاتي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته فرانزڪ رپورٽ ۾ به ڪنهن به قسم جي ڌماڪيدار مواد جي استعمال جي تصديق ناهي ٿي، پوليس دڪاندار نعمت الله کي جوابدار نامزد ڪيو آهي.ذريعن موجب پوليس ڪيس ۾ دڪاندار جي 11 سالن جي پٽ حذيفه کي به جوابدار نامزد ڪيو آهي، گل پلازا ڪميٽي جي صدر تنوير پاستا، نائب صدر عمار اسماعيل، جنرل سيڪريٽري محمد امين ۽ جوائنٽ سيڪريٽري محمد رمضان کي به جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، پوليس سمورن جوابدارن کي مفرور قرار ڏنو آهي. تحقيقاتي رپورٽ موجب گل پلازا ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 72 ڄڻا فوت ٿيا، چار لاشن جا پونئير (باقيات) هيل تائين ڪنهن به حاصل ناهن ڪيا، تحقيقات دوران چئن عيني شاهدن جا 164 تحت بيان رڪارڊ ڪرايا ويا. پنجاب فارنزڪ ليب جي رپورٽ موجب فرانزڪ ۾ ڪو به ڌماڪيدار مواد ناهي مليو، باهه جي شروعات دڪان نمبر 193 مان ٿي. رپورٽ موجب دڪاندار نعمت الله اڪثر ڪري دڪان پنهنجي 11 سالن جي پٽ جي حوالي ڪري هليو ويندو هو، تنهن هوندي حذيفه پاران ماچيس جون تيليون ٻاري اڇلائڻ سبب مصنوعي گلن ۾ باهه لڳي، نعمت الله ۽ حذيفه غفلت ۽ لاپرواهي جا مرتکب مليا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گهٽ عمر ٻار کي دڪان تي ڪم کان نه روڪڻ مارڪيٽ يونين جي غفلت آهي، باهه لڳڻ کانپوءِ مارڪيٽ يونين پاران ايمرجنسي اطلاع ۽ مدد طلب نه ڪئي وئي. باهه لڳڻ دوران گل پلازا جا مڪمل گيٽ بند هئا ۽ يونين پاران وقت تي گيٽ نه کولرايا ويا، جنهن ڪري دروازا بند هجڻ سبب ماڻهن کي ٻاهر نڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون، دروازا بند هجڻ انتظاميه جي غفلت آهي. يونين صدر تنوير پاستا ڪي اليڪٽرڪ کي فون ڪري بجلي بند ڪرائي، اونداهي سبب ماڻهو مارڪيٽ جي اندر ڦاسي پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو