ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي گل بائي پل واري علائقي ۾ گاڏي جي ٽڪر ۾ ٻه موٽرسائيڪل سوار مارجي ويا ۽ هڪ شخص زخمي ٿي پيو. ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾ فوت ٿيل هڪ شخص جي سڃاڻپ واجد جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته ٻئي شخص جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس پڻ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










