لاهور(ويب ڊيسڪ)گلوڪار وارث بيگ به مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جي حق ۾ ڳالهايو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ گلوڪار وارث بيگ چيو آهي ته هو مريم نواز بابت عمران خان جي بيان جي مذمت ڪري ٿو.هن چيو ته مريم نواز هن قوم جي نياڻي آهي، عورتن جو احترام ضروري آهي.هن اهو به چيو ته اهڙين شين کي سماج ۾ فروغ نه ڏيڻ گهرجي.










