گرونانڪ جي ميلي ۾ شرڪت لاءِ اسپيشل ٽرين رواني

گرونانڪ جي ميلي ۾ شرڪت لاءِ اسپيشل ٽرين رواني

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) بابا گرونانڪ جي 550هين جنم ڏينهن جي موقعي تي لڳندڙ ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻو اسپيشل ٽرين سوين ماڻهو کي کڻي لاڙڪاڻي مان رواني ٿي وئي. ان موقعي تي هندو اڳواڻ مرلي گل ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته اسان لاڙڪاڻي مان هڪ هزار کان وڌيڪ ياتري هر سال جيان هن سال به جوش جذبي سان بابا گرونانڪ جو جنم ڏينهن ملائڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون پوري ملڪ مان هندو برادري توڙي سک ، باگڙي برادري جا لکين ماڻهو 12 نومبر تي جنم ڏڻ ۾ حاضر ٿي پوڄا پاٽ ڪندا آهيون هي اسپيشل ٽرين ضلعي لاڙڪاڻي جي هندو برادري جي لاءِ آهي. هنن چيو ته ريلوي انتظاميه اڳ ۾ هر سال ياترا تي وڃڻ لاءِ پراڻيون بوگيون ڏيندي هئي پر هن سال نئين چونڊيل ايم پي اي معظم علي عباسي جي ڪوشش سان اسان کي ٽرين جون نيون بوگيون ڏنيو ويون آهن جڏهن ته بابا گرونانڪ جي هن ميلي جو 13  نومبر تي اختتام پذير ٿيندو جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ جي هندو برادري پنهنجي پنهنجي گهرن طرف واپس ٿيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو