رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته حج جي مناسڪ جي ادائگي دوران گرمي جي ڪري بيمار حاجين جي ڪيسن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو آهي.صحت واري وزارت موجب مڪي ۾ گرمي سبب 11 هزار حاجي متاثر ٿيا، متاثرن کي مختلف طبي مرڪزن ۾ طبي امداد ڏني وئي.سعودي صحت واري وزارت خبردار ڪيو آهي ته حاجين کي ڇتي کانسواءِ سج ۾ ٻاهر نه نڪرڻ گهرجي.صحت واري وزارت جو وڌيڪ چوڻ آهي ته زائرين وڌيڪ پاڻي استعمال ڪن ۽ ڊگهين قطارن ۾ نه بيهن.










