ٺل(رپورٽ:عبدالنبي شيخ)ٺل جي گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ مرد پرنسپال جي مقرري خلاف جسقم احتجاجي مظاهرو ڪري مطالبو ڪيو ته فوري طور عورت پرنسپل مقرر ڪئي وڃي. هنن ٻڌايو ته گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ مرد پرنسپال جي مقرري ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي نياڻين اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو آهي. جسقم اڳواڻن لياقت سرڪي,مامو شمن سومرو,وسيم قريشي ۽ ٻين چيو ته شاگردياڻين سان گڏوگڏ انهن جا والدين به پريشاني ۾ آهن هنن گهر ڪئي ته مرد پرنسپال کي تبديل ڪري عورت پرنسپال کي مقرر ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏينداسون.










