گرفتار صنم جاويد پاران چونڊن تان هٿ کڻڻ جو اعلان

گرفتار صنم جاويد پاران چونڊن تان هٿ کڻڻ جو اعلان

لاهور (م ڊ) زمان پارڪ ۾ پوليس تي تشدد جي ڪيس ۾ آزادي کانپوءِ هڪٻئي ڪيس ۾ گرفتار ٿيندڙ صنم جاويد اين اي 119 تان چونڊ نه وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف اڳواڻ صنم جاويد طرفان اين ايم 119 تان چونڊ نه وڙهڻ جي فيصلي جي تصديق سندس ڀيڻ فلڪ جاويد سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ڪئي صنم جاويد جي ڀيڻ ايڪس تي جاري ڪيل پيغام ۾ ٻڌايو ته صنم جاويد تڪ اين اي 119 ۾ چونڊ تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. واضح رهي ته لاهور جي تڪ اين اي 119 تان ن ليگ نائب صدر مريم نواز عام چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو