اسلام آباد(بيورو)گذريل مالي سال دوران بجيٽ خسارو 5259 ارب رپيا هو، جيڪو جي ڊي پي جو 7.9 سيڪڙو آهي.مجموعي خرچ 13 هزار 296 ارب رپيا هئا، جن مان 3182 ارب رپيا سود جي ادائيگي تي ۽ 1411 ارب رپيا دفاعي بجيٽ تي خرچ ٿيا.جي ڊي پي جو مجموعي حجم 66 هزار 950 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، گذريل مالي سال ۾ مجموعي طور تي 5 هزار 259 ارب رپيا قرض ورتو ويو هو.ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل گذريل مالي سال جي مالياتي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مالي سال 22-2021ع ۾ حڪومتي آمدني 8 هزار 35 ارب رپيا هئي، جنهن ۾ 6 هزار 142 ارب رپين جو روينيو گڏ ڪيو ويو. ايف بي آر، نان ٽيڪس آمدني 1151 ارب رپيا.گذريل مالي سال جولاءِ کان جون تائين سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 2531 ارب رپيا ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ 320 ارب رپيا گڏ ٿيا. اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن ۾ 3589 ارب رپيا ورهايا ويا.










