گجرات (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي جي گجرات ۾ رات دير سان گهر تي پوليس ڇاپو هنيو.ذريعن موجب پوليس گجرات ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي رهائشگاهه ڪنجاه هائوس تي ڇاپو هنيو، پوليس اهلڪار ڀتيون ٽپائي گهر ۾ داخل ٿيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪارن رهائشگاهه جي سمورن ڪمرن جي تلاشي ورتي ۽ ملازمن کان پڇا ڳاڇا ڪئي، پرويز الاهي کان به پڇا ڳاڇا ڪئي، پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير گهر ۾ نه مليو پر ڪجهه دير کانپوءِ اهلڪار واپس هليا ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪنجاه هائوس مان حراست ۾ ورتل ٽن ملازمن کي پڇا ڳاڇا بعد آزاد ڪيو ويو.ان کان علاوه پوليس گجرات ۾ چوڌري وجاهت حسين جي گهر تي به ڇاپو هنيو.ٻئي طرف چوڌري پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي به سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته پوليس ٻيهر ڇاپو هنيو آهي، چوڌري پرويز الاهي جي گهر ٻاهران پوليس جي نفری موجود آهي.هن چيو ته پوليس وٽ سرچ وارنٽ ناهي.ٻئي طرف اينٽي ڪرپشن پوليس جو چوڻ آهي ته ڪنجاه هائوس تي ڇاپي سان سندن ڪو به تعلق ناهي، اها پوليس جي ڪارروائي آهي.










