گاج ڊائيوريشن بچاءُ بند تي ڪم سست،سول سوسائٽي جو احتجاج

گاج ڊائيوريشن بچاءُ بند تي ڪم سست،سول سوسائٽي جو احتجاج

جوهي: (ن سنڌ يار) گاج ڊائيوريشن بچاء بند آر ڊي 11 کان هلندڙ ترقياتي ڪم ۾ مبينا غير معياري مٽيريل استعمال ٿيڻ ۽ سست رفتاري ۾ ڪم ٿيڻ خلاف مقامي ڳوٺاڻن سول سوسائٽي اڳواڻن پاران اڄ ٽين ڏينهن پريس ڪلب اڳيان آبپاشي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو,خبر موجب گاج بچاء بند گذريل آر ڊي يارهن کان پندرهن تائين هلندڙ ڪم غيرمعياري هجڻ ۽ سست رفتاري ڪرڻ خلاف ڪاڇي جي مقامي ڳوٺاڻن سول سوسائٽي اڳواڻن ڪامريڊ غلام قادر لغاري, دستگير رند, تنوير رستماڻي, اسماعيل ٿهيم, مريد ٻٻر, عبدالله کوسو, گلشير رند, مهير گاڏھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا آڏو ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته آبپاشي عملدار ٺيڪيدار ملي ڀڳت ڪري گاج بچاء بند جو ڪم غيرمعياري ڪري رهيا آھن هنن چيو ته مٿان مون سون موسم آھي بلوچستان ۾ برساتن بعد هڪ ڀيرو ٻيهر نئين گاج ۾ پاڻي اچڻ جا خدشا آھن جنهن سبب هزارين ڪاڇي واسين کي ٻڏڻ جو پڻ خدشو آھي هن چيو ته تير ڀت نه هجڻ سبب اسان ٽي ڀيرا ٻوڏ کي منهن ڏٺو جنهن سبب لکين جو نقصان ٿيو ڪاڇي اندر لڳل لکين روپين جا بور, گهر, متاثر ٿيا هنن چيو ته ڪروڙين جو ڪم هجڻ باوجود ٺيڪيدار آبپاشي عملدار ملي ڪري ڏھ مزدورن هٿان سست رفتاري ۾ ڪم ڪري رهيا آھن هنن چيف جسٽس اف پاڪستان, سميت لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪندي چيو ته گاج بند جو ڪم ايمرجنسي جي بنياد تي معياري ڪم ڪري ڪاڇي واسين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو