گئس ڏيو شهرين پاران وات تي تالا هڻي انوکو احتجاج

گئس ڏيو شهرين پاران وات تي تالا هڻي انوکو احتجاج

مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي) مانجهند تعلقي کي گئس ڏيو  لڪي شاه صدر  ۾  وات تي تالا هڻي انوکو احتجاج علامتي بک هڙتال نعريبازي مانجهند تعلقي جي علي آباد ۽ انڙپور مان وڏي مقدار ۾ گئس نڪرڻ باوجود مانجهند منظورآباد خاڻوٺ سن آمري لڪي شاه صدر انڙپور علي آباد سميت تعلقي جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن  کي گئس ۽ سهولتون نه ملي سگهيون آھن جنهن خلاف   قدرتي وسيلا جدوجهد ڪميٽي طرفان وڏي عرصي کان مرحليوار احتجاج جاري آھي وزير اعلا سنڌ سيد مراد علي شاه  جي تڪ پي ايس 80 ۾ دوري دوران لڪي شاه صدر ۾ سوين علائقي واسين وات تي ڪاريون پٽيون ٻڌي منهن تي تالا هڻي انوکو احتجاج ڪندي علامتي بک هڙتال ڪري ڊي سي ڄامشورو ۽ چونڊيل نمائندن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي  ان موقعي تي اڳواڻن ايس يو پي ڊويزن حيدرآباد جي صدر ۽ ڪميٽي جو ڪنوينر ايڊووڪيٽ خدابخش ٿيٻو جي يو آ۽ جو مولانا سڌير احمد رند  جسقم جو اڳواڻ ڪامريڊ گلشير کوسو درياء خان لغاري حق نواز مڱڻھار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت گذريل ٻن ورهين کان پنهنجي حقن لاء سخت احتجاج ذريعي دانهيندا پيا اچون پر سندن  دانهون  ضلعي جو ڊي سي سمورا چونڊيل نمائندا ۽ ٻيا وس وارا ٻڌڻ لا۽ تيار ناهن.يونائيٽيڊ اينرجي پاڪستان گئس ڪمپني  سپريم ڪورٺ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪري عدالت سڳوري جي توهين ڪري رهي آھي. ھن تڪ تان چونڊيل ايم پي اي ۽ سنڌ جو وڏو وزير حيدرآباد واري جلسي کي ڪامياب ڪرڻ لاء مجبوري ۾   دوري تي نڪتل آھي پر گئس جي پيداوار ڏيڻ باوجود پوري تعلقي جي ڳوٺن ۽ شھرن کي ٻارڻ لا۽ آخر گئس نه ملڻ تي خاموش آھي تڪ جو  ايم اين اي سوشل فنڊ ڪميٽي جو چئرمين هئڻ باوجود سماجي فنڊن مان علائقي جي پيئڻ جي پاڻي صفائي ترقياتي ڪمن تعليم صحت تي هڪ روپيو به خرچ نه ٿي سگهيو آھي نوجوان بي روزگار هئڻ باوجود کين نوڪري ڏئڻ بجاء ڌارين جي لوڌ ڀرتي ڪئي وئي آھي زمينن جا معاوضا گهرڻ تي مالڪن کي ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون هنن وڌيڪ چيو ت ڊي سي ڄامشورو ۽ يو اي پي گئس ڪمپني انتظاميا ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته اسان جي هي پرامن احتجاجي تحريڪ پنهنجي جائز آئيني ۽ قانوني حقن لا۽ آھي تسليم ٿيل مطالبن تي عمل نه ٿيڻ تائين هي تحريڪ رڪجڻ بدران ڏينهون ڏينهن زور وٺندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو