اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت آءِ ايم ايف کي يقين ڏياريو آهي ته گئس صارفين کي ڏنل 140 ارب رپين جي ڪراس سبسڊي جنوري 2027 تائين ختم ڪئي ويندي. ان کان پوءِ، گئس ۽ بجلي تي رعايتون صارف جي استعمال جي بدران سندس آمدني جي بنياد تي ڏنيون وينديون، ۽ ان مقصد لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جو ڊيٽا استعمال ڪيو ويندو. پيٽروليم ڊويزن جي اعليٰ عملدارن موجب، موجوده نظام ۾، محفوظ ۽ ڪجهه غير محفوظ صارفين کي گهٽ قيمتن تي گئس فراهم ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته هن رعايت جو بار صنعتن، ڪمرشل صارفين، سي اين جي اسٽيشنن، سيمينٽ شعبي ۽ گهريلو صارفين تي پوندو آهي جيڪي وڌيڪ گئس استعمال ڪندا آهن. هي نظام هاڻي ختم ڪيو ويندو ۽ سڀني صارفين کان ساڳيا سراسري شرح وصول ڪيا ويندا، جڏهن ته صرف گهٽ آمدني وارن گهرن کي سڌي طرح مالي مدد ڏني ويندي. آفيسرن جو چوڻ آهي ته موجوده سراسري گئس ٽيرف 1,750 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو آهي، پر محفوظ صارف تمام گهٽ شرح ادا ڪري رهيا آهن.










