سنڌ ڪابينا جا ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون سميت اهم فيصلا

سنڌ ڪابينا جا ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون سميت اهم فيصلا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ زراعت، غذائي تحفظ ۽ ڳوٺاڻي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو ويو. اجلاس دوران ڪابينا اڱاري ڏينهن تاريخي ‘سنڌ فارمرز زرعي ڪليڪٽوز ايڪٽ 2026’ جي منظوري ڏني، ڪڻڪ جي ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو، صوبائي خوراڪ کاتي کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ سڌارن جي شروعات ڪئي، ۽ پاڪستان جي ڪڻڪ جي معيشت کي تبديل ڪرڻ واري قومي ڪڻڪ پاليسي 2026-2030 جي مسودي جو جائزو ورتو. وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ڪابينا جي اجلاس ۾ زرعي جديديت، انڪلوسو ايجوڪيشن، جيلن جي سيڪيورٽي، روينيو سڌارن، انفراسٽرڪچر جي ترقي، ريسڪيو 1122 جي عملي جي فلاح و بهبود، ماهيگيري جي نگراني، ۽ سنڌ ۾ پاڪستان رينجرز جي تعينات کي برقرار رکڻ بابت فيصلن جي وسيع رينج جي منظوري پڻ ڏني وئي. اطلاعات واري سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، زراعت واري وزير سردار محمد بخش مھر، خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب الزمان، ۽ ماهيگيري واري وزير محمد علي ملڪاڻي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو ۽ ڪابينا جي فيصلن جا تفصيل هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايا.
تاريخي زرعي سڌارا:
وزيرن بريفنگ دوران ٻڌايو ته سنڌ جي ڳوٺاڻي معيشت کي تبديل ڪرڻ جي طرف هڪ وڏي قدم طور ڪابينا ‘سنڌ فارمرز زرعي ڪليڪٽوز ايڪٽ، 2026’ جي حتمي مسودي کي منظور ڪري ورتو جنهن سان ان کي صوبائي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو رستو هموار ٿي ويو آهي. ڄاڻايل قانون سازي ننڍن هارين، لائيو اسٽاڪ بريڊرز (چوپايو مال پاليندڙن) ۽ مهاڻن کي زمين، وسيلا ۽ مشينري گڏ ڪرڻ، ماليات ۽ ٽيڪنالاجي تائين رسائي بهتر بڻائڻ، ۽ سڌو سنئون اعليٰ قيمت واري مارڪيٽن سان ڳنڍڻ جي قابل بڻائي بااختيار بڻائڻ چاهي ٿي. هارين جي تنظيمن، سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر، سنڌ آبادگار بورڊ ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سان وسيع مشاورت کان پوءِ تيار ڪيل هي بل گڏيل پوکائي ۽ زرعي ڪاروبار لاءِ هڪ جامع قانوني فريم ورڪ قائم ڪري ٿو. هي ننڍن هارين جي تعريف اهڙن هارين طور ڪري ٿو جيڪي هڪ کان 25 ايڪڙن جي وچ ۾ زمين جا مالڪ هجن يا پوک ڪندا هجن ۽ هي ڪليڪٽوز جي تصور کي لائيو اسٽاڪ ۽ اندرون ملڪ ماهيگيري تائين وسعت ڏئي ٿو. هي قانون سازي “هڪ ميمبر، هڪ ووٽ” جي اصول تي ٻڌل هڪ جمهوري طرزِ گورننس جو ڍانچو متعارف ڪرائي ٿي، عورتن ۽ خواجه سرائن جي نمائندگي کي لازمي قرار ڏئي ٿي، منافعي جي ورهاست جا شفاف طريقا ٺاهي ٿي ۽ ڪاربن ڪريڊٽ ۽ ايڪو سسٽم سروسز جي مارڪيٽن ۾ شرڪت جا موقعا کولي ٿي. ريگوليشن ۽ نگراني لاءِ بل ۾ ‘سنڌ زرعي ڪليڪٽوز ريگوليٽري اٿارٽي’ جي قيام جي تجويز ڏني وئي آهي، جيڪا ڪليڪٽوز کي رجسٽر ۽ انهن جي نگراني ڪندي ڊيجيٽل گورننس پليٽ فارم فراهم ڪندي، اي ڪامرس لنڪيجز کي آسان بڻائيندي موسمي ۽ جيتن جي خطرن جو انتظام ڪندي، ۽ تڪرارن کي حل ڪندي. وڏي وزير چيو ته حڪومت جو مڃڻ آهي ته ان قدم سان مشيني پوکائي کي هٿي ملندي، هارين جي سوديبازي جي قوت مضبوط ٿيندي، مڊل مين تي دارومدار گهٽجندو ۽ پوري صوبي ۾ موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ زراعت کي مدد ملندي.
ڪڻڪ جي ذخيرو اندوزي ۽ غذائي تحفظ:
ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته سنڌ کي 2026-27 دوران ڪڻڪ جي 15 لک 90 هزار ٽن جي متوقع کوٽ جو سامھون آهي جڏهن ته کليل مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جون قيمتون 3,500 رپيا في 40 ڪلوگرام جي سرڪاري امدادي قيمت کان نمايان طور تي وڌي چڪيون آهن. خوراڪ کاتي رپورٽ ڪئي ته فلور ملون، واپاري ۽ نجي ذخيرا اندوز ڪڻڪ جو گهڻو ذخيرو پاڻ وٽ رکيو ويٺا آهن جنهن سان سٽي بازي ۽ قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وڏي وزير پنهنجي ڪابينا جي مشاورت سان اٽي جي قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ صارفين جي تحفظ لاءِ ذخيرا اندوزي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
خوراڪ کاتي کي ڊيجيٽلائيز ڪيو ويندو:
وسيع تر سڌارن جي حصي طور، ڪابينا پوري سنڌ ۾ ڪڻڪ جي خريداري، اسٽوريج، نقل و حمل ۽ جاري ڪرڻ کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ هڪ ‘انٽيگريٽڊ ويٽ مينيجمينٽ سسٽم’ قائم ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو. سائنس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ ان اقدام جي توثيق ڪئي ۽ سنڌ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني (SITC) کي شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي. وڏي وزير خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ڊيجيٽلائيزيشن جي طرف تيزي سان اڳڀرائي ڪري، شفافيت کي وڌائي ۽ جنسن جي انتظام جا جديد طريقا اپنائي. وزيرن ٻڌايو ته مراد علي شاهه ڪڻڪ جي آپريشنز ۾ نجي شعبي جي وڌ کان وڌ شرڪت تي پڻ زور ڏنو ۽ خوراڪ کاتي کي بتدريج هڪ مختصر، ٽيڪنالاجي سان هلندڙ ريگوليٽري اداري ۾ تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جيڪو پاليسي، نگراني ۽ غذائي تحفظ تي مرڪوز هجي. چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه چيو ته خوراڪ کاتي جي ڊيجيٽلائيزيشن ان سڌارن واري پيڪيج جو حصو آهي جيڪو خوراڪ کاتي ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
سنڌ فشريز سيڪيورٽي سروس:
ڪابينا 64 غير مجاز مڇي پڪڙڻ وارين جيٽين جي نشاندهي کان پوءِ صوبي جي ساحلي پٽي سان نگراني ۽ نفاذ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ‘سنڌ رجسٽريشن اينڊ ريگوليشن آف فشنگ جيٽيز رولز, 2022’ ۾ ترميم جي منظوري ڏني. ترميم تحت مرين فشريز ڪنزرويشن پوليس جو نالو تبديل ڪري ‘سنڌ فشريز سيڪيورٽي سروس’ رکيو ويندو جنهن جي سربراهي ڊسٽرڪٽ فشريز ڪنزرويشن آفيسر ڪندا، ته جيئن سامونڊري وسيلن جي نگراني، ڪنٽرول ۽ نظاري کي يقيني بڻائي سگهجي. ڪابينا 300 اسامين لاءِ پهرين کان منظور ٿيل 236.55 ملين رپين جي خرچن جي پڻ توثيق ڪئي ۽ ساحلي نگراني ۽ نفاذ کي وڌائڻ لاءِ ٽن تيز رفتار ٻيڙين (اسپيڊ بوٽس) جي خريداري لاءِ وڌيڪ 63 ملين رپين جي منظوري ڏني.
ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن لاءِ فلاحي پيڪيج:
هنگامي امداد ڏيندڙن کي درپيش خطرن کي تسليم ڪندي، ڪابينا ريسڪيو 1122 جي انهن اهلڪارن جي خاندانن کي مالي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ پاليسي فريم ورڪ جي منظوري ڏني جيڪي ڊيوٽي دوران پنهنجون جانين وڃائي ويهن ٿا. ان پيڪيج ۾ 10 ملين رپين جي يڪمشت امداد، تدفين لاءِ 300,000 رپين جي امداد، پگهار جو تسلسل يا پونئيرن لاءِ نوڪري جا موقعا ۽ 5 ملين رپين جو گروپ لائيف انشورنس ڪور شامل آهي. هڪ خاص ويلفيئر ڪمپنسيشن ڪميٽي اهليت جو تعين ڪندي ۽ فائدن جي ورهاست جي نگراني ڪندي.
حيدرآباد فلائي اوور منصوبو بحال:
ڪابينا ورڪس اينڊ سروسز کاتي ذريعي حيدرآباد ۾ وڏي عرصي کان دير جو شڪار ‘شهيد محترمه بينظير ڀٽو فلائي اوور پروجيڪٽ’ کي مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهو منصوبو جيڪو اصل ۾ 2016-17 ۾ شروع ڪيو ويو هو، نمايان پيش رفت جي باوجود رڪجي ويو هو، جنهن ۾ پل جي 24 گرڊرن جي تعمير پڻ شامل هئي. باقي ڪم هاڻي اسٽرڪچرل توثيق ۽ قانوني توڙي تڪنيڪي تقاضائن جي تعميل کان پوءِ اڳتي وڌندو.
قومي ڪڻڪ پاليسي:
ڪابينا وفاقي وزارتِ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق پاران موڪليل ‘قومي ڪڻڪ پاليسي 2026-2030’ جي مسودي جو جائزو ورتو. ڄاڻايل پاليسي حڪومت جي زير قيادت ڪڻڪ جي خريداري واري ماڊل کان مارڪيٽ تي ٻڌل نظام ڏانهن منتقلي، سبسڊي جي ٻوجھ کي گهٽائڻ، ريگوليٽڊ نجي اسٽوريج جي حوصلي افزائي، محدود اسٽريٽجڪ ذخيرن کي برقرار رکڻ ۽ بهتر ٻجن، مشيني پوکائي ۽ بهتر ان پٽس ذريعي زراعت کي جديد بڻائڻ جي خواهشمند آهي. سنڌ جو موقف تيار ڪرڻ لاءِ، وڏي وزير فوڊ، ايگريڪلچر ۽ لاء جي سيڪريٽرين تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي جيڪا پاليسي جو جائزو وٺي ڪابينا کي سفارشون پيش ڪندي.
شوگر سيڪٽر تي سنڌ جو موقف:
ڪابينا شوگر سيڪٽر کي ڊي ريگوليٽ ڪرڻ (سند يافتگي ختم ڪرڻ) جي حوالي سان آءِ ايم ايف جي مشاهدن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ نئين شوگر ملن جي قيام جي سنڌ جي مخالفت کي ورجايو. صوبي اهو موقف برقرار رکيو ته لائسنسنگ، قيمتن جي تعين ۽ نگراني جو ريگوليٽري اختيار صوبائي حڪومتن وٽ رهڻ گهرجي جڏهن ته آبادگارن، صارفين ۽ ماحولياتي مفادن جي تحفظ لاءِ مشروط ڊي ريگوليشن، مرحليوار تجارتي لبرلائيزيشن ۽ مقابلي جي مضبوط تحفظن جي حمايت ڪئي وئي.
آغا خان يونيورسٽي سان جامع تعليم جي ڀائيواري:
ڪابينا ڊپارٽمينٽ آف ايمپاورمينٽ آف پرسنز وڌ ڊس ايبلٽيز (DEPD) ۽ آغا خان يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ فار ايجوڪيشنل ڊيولپمينٽ کي پوري سنڌ ۾ جامع تعليم (انڪلوسو ايجوڪيشن) کي هٿي ڏيڻ جي مقصد سان پنجن سالن جي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جو اختيار ڏنو. ان قدم تحت AKU-IED ۾ هڪ اسپيشل ايجوڪيشن يونٽ قائم ڪيو ويندو 2,000 کان وڌيڪ استادن (ايجوڪيٽرز) کي تربيت ڏني ويندي، ماڊل اسڪول ۽ سکڻ جا وسيلا تيار ڪيا ويندا، ۽ ان مان لڳ ڀڳ 24,000 شاگرد فائدو حاصل ڪندا. سنڌ حڪومت 278.56 ملين رپين جو حصو وجهندي، جڏهن ته AKU-IED پاران 160.65 ملين رپيا فراهم ڪيا ويندا.
سنڌ جي جيلن لاءِ هٿيار:
ڪابينا انسپيڪٽر جنرل آف سنڌ پرزنز کي پاڪستان آرڊيننس فئڪٽري (POF) مان چائنيز سب مشين گنز (SMGs) جا 212 يونٽ حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اهو فيصلو مالي سال 2016-17 کان رولڙي جو شڪار خريداري جي معاملي کي حل ڪري ٿو، جڏهن جيل خانه جات کاتي شروع ۾ روسي AK-103 رائيفلن جي 535 يونٽن لاءِ POF کي 46,394,886 رپيا ادا ڪيا هئا. روس تي لڳل بين الاقوامي پابندين جي ڪري، POF اصل معاهدو پورو ڪرڻ کان قاصر رهيو ۽ متبادل طور چائنيز SMGs جي آڇ ڪئي. مهنگائي ۽ 218,820 رپين جي وڌيڪ في يونٽ لاڳت جي ڪري، اصل ادا ڪيل رقم هاڻي 212 يونٽن جي خريداري کي پورو ڪندي.
ڊي ايڇ اي فيز VII ايڪسٽينشن اسٽامپ ڊيوٽي:
بورڊ آف روينيو ڊي ايڇ اي ڪراچي، فيز VII ايڪسٽينشن ۾ واقع 262 ايڪڙ زمين جي ليز لاءِ اسٽامپ ڊيوٽي جي وصولي جي حوالي سان هڪ حتمي طريقو پيش ڪيو. ڪابينا ڪل 2,496,532,500 رپين جي اسٽامپ ڊيوٽي اوڳاڙڻ لاءِ قانوني طور تي حتمي شڪل ڏنل مؤخر ادائگي جي منصوبي جي تصديق ڪئي. مڪمل يا جزوي ڇوٽ ڏيڻ بدران هي انتظام صوبائي تحفظ لاءِ پوري قابلِ چارج رقم جي وصولي کي يقيني بڻائي ٿو. هي وصولي وڌ ۾ وڌ چئن سالن جي مدي تي پکڙيل هوندي، جنهن کي ڇهن مساوي ڇھ ماهي قسطن (هر قسط 416,088,750 رپيا) ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪي جولاءِ 2026 کان شروع ٿي جنوري 2029 ۾ ختم ٿينديون.
اين اي ڊي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ:
ڪابينا اين اي ڊي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ لاءِ هڪ نظرثاني ٿيل مالياتي فريم ورڪ جي منظوري ڏني، جيڪو سنڌ حڪومت جو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو هڪ فليگ شپ پروجيڪٽ آهي. اهو منصوبو اصل ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون (STZ) جو درجو ۽ ان سان لاڳاپيل وفاقي مراعتون حاصل ڪرڻ تي ٻڌل هو، پر آءِ ايم ايف سان لاڳاپيل مالياتي پابندين جي ڪري نئين STZ منظورين جي رڪجي وڃڻ کان پوءِ هي اڳتي نه وڌي سگهيو. منظور ٿيل متبادل ماڊل تحت، سنڌ حڪومت منصوبي جي غير قبضي ٿيل وڪري جي قابل رقبي جو 40 سيڪڙو تائين مارڪيٽ ويليو تي خريد ڪرڻ جو هڪ مشروط عهد ڪندي، پر اهو صرف ان صورت ۾ ٿيندو جڏهن تجارتي آپريشنز شروع ٿيڻ جي ٽن سالن کان پوءِ به قبضو (آڪوپنسي) طئي ٿيل حد کان گهٽ رهي. ڪابينا رعايت نامي (ڪنسيشن ايگريمينٽ) ۾ ضروري ترميم جي پڻ منظوري ڏني ۽ لاڳاپيل کاتن کي منصوبي جي نفاذ لاءِ اڳتي وڌڻ جو اختيار ڏنو.
پاڪستان سنگل ونڊو (PSW) سان 3 سالن جو سروس ايگريمينٽ:
ڪابينا بورڊ آف روينيو ۽ پاڪستان سنگل ونڊو (PSW) جي وچ ۾ هڪ نئين ٽن سالن جي سروس ليول ايگريمينٽ (SLA) جي نفاذ تي غور ڪيو ۽ ان جي منظوري ڏني. 2025 ۾ پاڪستان روينيو آٽوميشن لميٽيڊ (PRAL) سان پوئين معاهدي جو مدو ختم ٿيڻ ۽ سسٽم جي PSW ۾ منتقلي کان پوءِ، نئون معاهدو بلز آف انٽري (گڊز ڊيڪليريشنز) تي چارج ٿيندڙ 2,000 رپين جي اسٽامپ ڊيوٽي جي ڊيجيٽل وصولي کي شامل ڪري ٿو. هر ادا ڪيل بئنڪ چالان تي منظور ٿيل سروس فيس جي شرح (بشمول ايس ايس ٽي) مالي سال 2025-26 لاءِ 40 رپيا، ۽ مالي سال 2026-27 ۽ 2027-28 ٻنهي لاءِ 44 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. روينيو جي مضبوط رپورٽنگ کي يقيني بڻائڻ لاءِ، معاهدي ۾ فنانس کاتي پاران درخواست ڪيل مخصوص حفاظتي تدبيرون شامل ڪيون ويون آهن، بشمول ريئل ٽائيم مانيٽرنگ، ويو-اونلي ايڪسيس انٽيگريشن، ۽ اي-پي سنڌ پليٽ فارم ذريعي پنهنجي مرضي مطابق تيار ڪيل تصديقي رپورٽون شامل آهن.
رينجرز جي تعيناتي ۾ واڌ:
ڪابينا امن امان برقرار رکڻ ۾ سنڌ پوليس جي مدد لاءِ سنڌ ۾ پاڪستان رينجرز جي تعينات ۾ وڌيڪ هڪ سال، يعني 20 جولاءِ 2026 کان 19 جولاءِ 2027 تائين جي واڌ جي توثيق ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو