ڪڻڪ جي فصل تي هٿياربندن جو قبضو، ڳوٺاڻن پاران انصاف جي اپيل

نوشهروفيروز(ڊ ر) ڳوٺ نم وارا کوسا ۾ هٿياربندن غريب ڳوٺاڻي جي زمين تي قبضو ڪري ورتو ۽ فائرنگ ڪري ڳوٺاڻن کي زمين مان ڪڍي ڇڏيو. ڳوٺاڻن پاران زمين تي قبضي خلاف عورتن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن روبينه کوسو، علي اصغر کوسو، اڪبر کوسو ۽ ٻين چيو ته سندن گهر جي ڀرسان 12 ايڪڙ زمين تي ڪڻڪ جو فصل تيار ٿي ويو آهي ۽ جڏهن هو لاباري لاءِ ويا ته هٿياربندن اقبال، نذير کوسي ۽ ٻين سندن زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي فائرنگ ڪري زمين تي ڪم ڪندڙ هارين کي زمين مان ڪڍي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته ڄاڻايل ماڻهو علائقي جا ڏوهاري ماڻهو آهن. هنن چيو ته پوليس کي اطلاع ڪيو آهي پر اڃا تائين پوليس پاران ڪوبه قدم نه ٿو کنيو وڃي جنهن ڪري سندن زندگين کي خطرو آهي. هنن چيو ته هٿياربندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سندن زمين تان قبضو ختم ڪرائي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو