غوثپور (عبدالنبي ملڪ )ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جو ايس ايس پي امجد شيخ جي ھدايتن تحت ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن جاري آهي مختلف پوليس اٽالا جديد هٿيارن سان ڪچي ۾ لهي پيا آهن ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري اي پي سي چين بڪتربند گاڏين سان ڪچي جي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي پوليس آپريشن ۾ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس آپريشن کي ڪامياب قرار ڏنو آهي ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ امجد شيخ جو چوڻ هو ته ڪچي جي جنگڻ ۽ دراني مهر ڪچي واري علائقي ۾ ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري اي پي سي چين بڪتربند گاڏين ۽ ڪمانڊوز اهلڪارن سان آپريشن جاري آهي هن چيو ته آپريشن ۾ پوليس کي ڪاميابي ملي آهي پوليس 2 مهينا اڳ ڌاڙيلن جي قيد ۾ رهندڙ سيف الدين جعفري کي بازياب ڪرائي ورتو آهي ايس ايس پي جو چوڻ هو ته ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ٿيل آهي ڌاڙيلن مغوي کي ڇڏي درياءَ پار وڃڻ جي ڪوششن ۾ آهي پر پوليس هنن جي خاتمي کي يقيني بڻائيندي هن چيو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آهي ايس ايس پي جو چوڻ هو ته ڪچي جي وڏي علائقي کي ڪڙو چاڙهي رستا سيل ڪري ڇڏيا آهن ۽ سرچ آپريشن هلندڙ آهي.










