ڪپڙن جي درآمد تي في ڪلو 200 روپين جو ٽيڪس لاڳو

ڪپڙن جي درآمد تي في ڪلو 200 روپين جو ٽيڪس لاڳو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال حڪومت طرفان استعمال ٿيل پراڻن ڪپڙن جي درآمد تي 200 روپيه في ڪلو گرام ٽيڪس لاڳو ٿيڻ تي واپارين ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي.واپارين موجب حڪومت طرفان استعمال ٿيل پراڻن ڪپڙن جي درآمد تي 200 روپيه في ڪلو گرام ٽيڪس لڳايو ويو آهي جنهن سان استعمال ٿيل گرم ڪپڙن جي في عدد قيمت ۾ 500 کان 1500 روپين تائين ٿيل اضافو غريب طبقي کي سخت متاثر ڪري سگهي ٿو.واپارين جو چوڻ آهي ته هن ڀيري استعمال ٿيل گرم ڪپڙن جون قيمتون تمام گهڻيون وڌيڪ آهن پر انهي جي باوجود اسان جي ڪوشش آهي ته قيمتون جيتريون گهٽ ڪري سگهجن اهي ڪيون وڃن.واپارين موجب ڊيوٽيز وڌيڪ هجڻ سبب اسان مال تي تمام گهڻو انويسٽ ڪيو آهي پهريان جيڪو اسان جو مال ڪنٽينر جي حساب سان ايندو هو انهي تي هاڻ ايتري ڊيوٽيز لڳي چڪي آهي جو اهو مال گراهڪ جي پهچ کان به آهسته آهسته پري ٿيندو پيو وڃي.واپارين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت استعمال ٿيل ڪپڙن جي درآمد تي ٽيڪس جي شرح کي گهٽ ڪري ته جيئن وچولو غريب طبقو لنڊا بازارن مان سستي اگهن تي خريداري ڪري سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو